ڏاتو ڪئنال

ڏاتو ڪئنال: هي ڪئنال گھاڙ واهه، لاڙڪاڻي مان نڪري، قنبر، ڪارڙا، شهدادڪوٽ، جانڊهه ۽ بلوچستان جي سرحد تي وڃي ختم ٿيندو هو. هي ڪئنال شهدادڪوٽ جي سخي مرد ۽ زميندار ميان ڏاتو کهاوڙ ڪلهوڙن جي دور ۾ کوٽرايو هو. ان ڪري سندس نالي سان ئي هن تي ڏاتو ڪئنال نالو پيو. هن ڪئنال جي کوٽجڻ ڪري هتان جي وارياسي زمين زراعت جي قابل ٿي ۽ هيءُ علائقو سرسبز ۽ شاداب ٿيو. هن کوٽايل ڪئنال ۾ ٻيڙيون هلنديون هيون، جنهن سبب واپار کي پڻ هٿي ملي.


لفظ ڏاتو ڪئنالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو